رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر

رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر

رفيق احمد مڱريو ڊاڪٽر

رفيق احمد مڱريو، ڊاڪٽر: عالم ۽ اديب ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو، 16 آڪٽوبر 1962ع تي ڳوٺ بازيدپور، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ 1978ع ۾ ڪنڊياري هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. ان بعد چار سال مدرسة انوارالعلوم ڪنڊياري مان تجويد ۽ قرائت سان قرآن پاڪ جو حفظ ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (اسلاميات) ۽ ايم. ايڊ ڪرڻ بعد ڪميشن جي امتحان ذريعي ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ تحقيق جو ڪم جاري رکندي نامياري عالم ۽ محدث ’شيخ محمد حيات سنڌيءَ جي سوانح ۽ ديني خدمات‘ عنوان تي پي. ايڇ. ڊي مڪمل ڪيائين. 2005ع ۾ ٻيهر ڪميشن امتحان ذريعي اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو.
ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريي جا تحقيقي مضمون ۽ مقالا مختلف رسالن ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. سندس نانو آخوند تاج محمد خلافت تحريڪ ۽ ڪانگريس جو سرگرم اڳواڻ هو. رفيق احمد مڱريو مختلف مذهبي عالمن جون سوانح عمريون، ڪي تاريخي مضمون ۽ ڪتابن جا مقدما لکي چڪو آهي. سندس تصنيفن ۾:
(1) شرح اربعين ملا علي قاري (تحقيق)
(2) عيادت ڇو ۽ ڪهڙي طرح؟
(3) شيخ محمد حيات سنڌي: سوانح ۽ ديني خدمتون (پي. ايڇ. ڊي مقالو)
(4) مخدوم محمد عابد سيوهاڻي.
هن وقت مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد جي مخزن ’مسلم‘ جو چيف ايڊيٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.10.16  عيسوي

عالم ۽ اديب ڊاڪٽر رفيق احمد مڱريو، 16 آڪٽوبر 1962ع تي ڳوٺ بازيدپور، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عزيز حامد مدني
عشرت علي خان
گرڌاري لال ڏوڏيجا
الطاف جوکيو ڊاڪٽر
عبدالحق عظيم
زيب ڀٽي
عبداللطيف مهر
سيد نور رضوي
ستيش روهڙا
شمس الدين قريشي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون